آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو

آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي سيريز لاءِ آفيشلز جو اعلان ڪري ڇڏيو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل آءِ سي سي لاهور ۾ 24 جنوري کان ٿيندڙ پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جي ميچ آفيشنز جاري ڪري ڇڏي آهي. پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري بيان ۾ ٻڌايو ويو آهي ته آءِ سي سي پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز ۾ ميچ ريفري جا فرائض اڳوڻو سريلنڪن ڪرڪيٽر رنجن مدوگالي سرانجام ڏيندو. ٽئي ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ آن فيلڊ امپائرنگ پاڪستان جي احسن رضا ۽ شوزب رضا فرائض سرانجام ڏيندا. جڏهن ته احمد شهاب کي ٿرڊ ۽ طارق رشيد کي فورٿ امپائر مقرر ڪيو ويو آهي. واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٽي ٽوئنٽي سيريز جو پهريون ميچ 24 جنوري تي قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ ٿيندو جڏهن ته ٻيو ميچ 25 ۽ ٽيون ميچ 27 جنوري تي پڻ قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ کيڏيا ويندا.

پهنجو تبصرو موڪليو