سنڌي شاگردن سان ناجائزيون برداشت نه ڪبيون؛ مظاهرين

سنڌي شاگردن سان ناجائزيون برداشت نه ڪبيون؛ مظاهرين

سڪرنڊ (راج ڪمار اوڏ) ڊائو يونيورسٽي ڪراچيءَ ۾ جي ايم سيد جي سالگرھ جو ڪيڪ ڪٽڻ تي يونيورسٽي انتظاميا پاران شاگرد سمير چانڊيو جي داخلا ختم ڪرڻ خلاف شھيد بينظير ڀٽو وٽرنري يونيورسٽي سڪرنڊ جي سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل ۽ جساف جسقم پاران فاروق رند, سيف الرحمان ۽ ٻين جي اڳواڻيءَ ۾ احتجاجي مظاھرو ڪيو ويو. مظاھري کي خطاب ڪندي اڳواڻن چيو ته يونيورسٽي انتظاميا سنڌي شاگردن جي آواز کي دٻائي داخلائون ختم ڪري مٿن ڪوڙا ڪيس مڙھي رھي آھي اھو اظھار جي آزاديءَ کي دٻائڻ برابر آھي يونيورسٽيءَ ۾ ٿاڦيل انتظاميا کي شاگردن جي فڪري اوسر ۽ روشن خيال سرگرمين کي برداشت ڪرڻ جي سگھ نه رھي آھي اھا سنڌ ۾ سياست، سنڌ پرستيءَ جي سوچ ۽ روشن خياليءَ کي ختم ڪرڻ جي سازش آھي. سنڌ اسٽوڊنٽس ڪائونسل سمير چانڊيو سان گڏ آھي ۽ سمير چانڊيو جي داخلا بحال ٿيڻ تائين جدوجھد جاري رھندي. ھنن چتاءُ ڏنو ته تعصب پرست وائيس چانسلر خلاف ڪارروائي ڪري سمير چانڊيو جي داخلا بحال نه ڪئي وئي ته سنڌگير تحريڪ ھلائي ويندي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو