فيلڊ مارشل تهران ۽ وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو، ڀرپور آڌر ڀاءُ

فيلڊ مارشل تهران ۽ وزيراعظم سعودي عرب پهچي ويو، ڀرپور آڌر ڀاءُ

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پاڪستان خطي ۾ امن جي قيام لاءِ پنهنجون ڪوششون جاري رکيو پيو اچي، ان سلسلي ۾ وزيراعظم شهباز شريف سعودي عرب، جڏهن ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير ايران پهتو آهي.وزيراعظم شهباز شريف اهم سرڪاري دوري تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ سعودي عرب پهتو.وزيراعظم آفيس موجب جده ۾ وزيراعظم جي سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ٿيندي، جنهن ۾ پاڪ – سعودي عرب ٻه طرفن لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ ۽ خطي جي صورتحال تي ڳالهيون ٿينديون.هوڏانهن پاڪستان جو چيف آف ڊفينس اسٽاف، فيلڊ مارشل عاصم منير اهم دوري تي تهران پهچي ويو آهي. ايران جي حڪومت واري ايڪس اڪائونٽ تي سندس تهران جي هوائي اڏي تي خصوصي جهاز ۾ پهچڻ جون تصويرون شيئر ڪيون ويون آهن. ايران جو پرڏيهي وزير عباس عراقچي ساٿين سان گڏ سندس استقبال ڪيو. ياد رهي ته فيلڊ مارشل اهڙي وقت تهران پهتو آهي جڏهن آمريڪا ۽ ايران جنگ ختم ڪرڻ لاءِ ڳالهيون آخري مرحلي ۾ آهن. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اڳ ۾ اعلان ڪري چڪو آهي ته هن هفتي جي آخر ۾ معاهدي لاءِ هو وري پاڪستان ۾ ملندا. گهرو معاملن جو وفاقي وزير محسن نقوي به فيلڊ مارشل سان گڏ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو