مسلمان بڻجي ڀارت ۾ هاڻي نٿو رهي سگهجي، نصير شاهه

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي جڳ مشهور اداڪار سيد نصير الدين شاهه هندوستان جي سياسي صورتحال تي مايوسي ظاهر ڪندي چيو آهي ته 70 سالن بعد کيس هاڻي احساس ٿي رهيو آهي ته مسلمان بڻجي ڀارت ۾ نٿو رهي سگهجي. 2019 ۾ ڀارت پاران شهريت جي قانون بعد ٿيندڙ هنگامن ۽ شاگردن تي تشدد واري معاملي تي پنهنجي خاوموشي ٽوڙيندي هن چيو ته هو موجوده حالتن کان خوفزده ناهي پر کيس ڪاوڙ آهي.

“دي وائر” کي ڏنل انٽرويو ايوارد يافته اداڪار چيو ته 70 سالن بعد هن کي ثابت ڪرڻو ٿو پوي ته هو مسلمان سان گڏ ڀارتي به آهي پر جيڪڏهن سندس ثبوتن کي نه مڃيو وڃي ته هو ڪيڏانهن وڃي؟ 70 سال هندوستان ۾ رهندي ڪم ڪيو اهو هندوستاني هجڻ جو ٿبوت ناهي ته ٻيو ڇاهي؟ هن چيو ته هاڻي کيس فڪر مند رهڻو ٿو پوي ته مسلمان بڻجي ڀارت ۾ نٿو رهي سگهجي. هن چيو ته شهريت جي تڪراري قانون تي هو بولي ووڊ جي با اثر اداڪران جي خاموشي تي حيران آهي. هن ان جو جواب ڏيندي چيو ته شايد هو سمجهندا هجن ته جيڪڏهن هنن ڪجهه ڳالهايو ته کين گهڻو ڪجهه وڃائڻو پوي. هن چيو ته نوجوان اداڪارا ڊيپڪا پڊوڪون به ته اڳتي آئي نه هن کي به ڪهڻو ڪجهه وڃائڻو پوندو. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته نريندر مودي ڪڏهن شاگرد نه رهيو آهي نه يونيورسٽي ويو ته ساگردن تي تشدد جو هن کي ڪهڙو احساس هوندو. ان ڇان اڳ جاويد اختر، شبانه اعظمي، فرحان اختر، جاويد جعفري شاگردن تي تشدد خلاف ڳالهائي چڪا آهن ۽ مظاهرن ۾ به شريڪ رهيا آهن. شاهه رخ ۽ سلمان خان اڃا چپ آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو