اسلام آباد کي حيدرآباد جي 6 وڪيٽن تان شڪست

اسلام آباد کي حيدرآباد جي 6 وڪيٽن تان شڪست

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) حيدرآباد، اسلام آباد کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي پنهنجي ٻئي فتح کي يقيني بڻايو آهي. حيدر آباد 4 وڪيٽن جي نقصان تي 18.1 اوورن۾ 157 رنز ٺاهيون. حيدرآباد ڪنگزمين ٽاس کٽي اسلام آباد يونائيٽيڊ کي بيٽنگ جي دعوت ڏني. اسلام آباد جي ٽيم 20 اوورن م 9 وڪيٽن جي نقصان تي 153 رنز ٺاهيون. ڊيون ڪانوي 45، سمير منهاس 22، محمد فائق 18، مارڪ چيپمين 42 رنز ٺاهي نمايان رهيا. جواب ۾ حيدرآباد جي ٽيم پاران معاذ صداقت 30، صائم ايوب 35، عثمان خان هڪ، ڪسال پريرا 2 رنز ٺاهي آئوٽ ٿيا. مارنوس لبوشين ففٽي مڪمل ڪئي۽ ميڪسويل عماد وسيم کي 2 ڇڪا هڻي ٽي توئنٽي۾ 11 هزار رنز مڪمل ڪيون. لبوشين 61 رنز تي ۽ گلين ميڪسويل 21 رنز تي ناٽ آئوٽ رهيو.

پهنجو تبصرو موڪليو