اسلام آباد: پرڏيهي وفدن جي آمد سبب خاص ٽرئفڪ پلان لاڳو

اسلام آباد: پرڏيهي وفدن جي آمد سبب خاص ٽرئفڪ پلان لاڳو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) پرڏيهي وفدن جي آمد جي ڪري اسلام آباد ۾ خاص ٽرئفڪ پلان لاڳو ڪيو ويو آهي.ٽريفڪ پوليس موجب، جي ٽي روڊ پشاور کان راولپنڊي ايندڙن کي ٽيڪسلا موٽر وي، چڪري چک بيلي روڊ، روات استعمال ڪرڻ گهرجي، جڏهن ته لاهور کان پشاور ايندڙن کي راوت، چک بيلي روڊ ۽ ٽيڪسلا موٽر وي استعمال ڪرڻ گهرجي.ٽريفڪ پوليس مارگلا روڊ کان راولپنڊي ويندڙن کي نائين ايونيو استعمال ڪرڻ ۽ راولپنڊي کان مری روڊ ذريعي اسلام آباد ايندڙن کي نائين ايونيو استعمال ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.ٽريفڪ پوليس موجب، فيصل ايونيو کان زيرو پوائنٽ ڏانهن ويندڙ ٽريفڪ کي نائين ايونيو ڏانهن موڙيو ويندو، جڏهن ته زيرو پوائنٽ کان ڪورل چوڪ تائين ايڪسپريس وي ٻنهي پاسن کان بند رهندو.ان کان علاوه، اڄ ۽ سڀاڻي اسلام آباد ۾ هر قسم جي وڏي ٽرئفڪ جي داخلا تي پابندي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو