اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اسلام آباد هاءِ ڪورٽ پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي خلاف 190 ملين پائونڊ جو ڪيس 31 مارچ تي ٻڌڻي لاءِ مقرر ڪري ڇڏيو آهي.رجسٽرار آفيس باني ۽ بشريٰ بي بي ڪيس جي ڪاز لسٽ جاري ڪري ڇڏي آهي، چيف جسٽس سرفراز ڊوگر ۽ جسٽس محمد آصف ان جي ٻڌڻي ڪندا.عدالت نيب جي درخواست تي باني ۽ بشريٰ بي بي جي وڪيل کان جواب طلب ڪيو آهي، جڏهن ته نيب اعتراض اٿاريو آهي ته سزا معطل ڪرڻ جون درخواستون قابل قبول نه آهن.ياد رهي ته پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشريٰ بي بي سزا معطل ڪرڻ لاءِ درخواستون داخل ڪيون آهن، احتساب عدالت 17 جنوري 2025 تي باني ۽ بشريٰ بي بي کي سزا ٻڌائي هئي.










