ايراني حملي بعد آمريڪي جنگي جهاز جي ايمرجنسي لينڊنگ

ايراني حملي بعد آمريڪي جنگي جهاز جي ايمرجنسي لينڊنگ

واشنگٽن (ويب ڊيسڪ)آمريڪي F-35 جنگي جهاز کي وچ اوڀر ۾ آمريڪي هوائي اڏي تي ايمرجنسي لينڊنگ ڪرڻي پئي، جڏهن ان کي مبينا طور ايراني فائر لڳو، ٻن ذريعن موجب جيڪي هن معاملي کان واقف آهن۔
سي اين اين جي رپورٽ موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ جي ترجمان ڪئپٽن ٽم هاڪنز چيو ته ففٿ جنريشن جو اسٽيلٿ جهاز “ايران مٿان جنگي مشن تي اڏام ڪري رهيو هو” جڏهن ان کي ايمرجنسي لينڊنگ ڪرڻي پئي۔ هاڪنز چيو ته جهاز محفوظ نموني لينڊ ٿيو ۽ هن واقعي جي جاچ جاري آهي۔
“جهاز محفوظ طريقي سان لينڊ ڪيو، ۽ پائلٽ جي حالت مستحڪم آهي،” هاڪنز وڌيڪ چيو۔ “هن واقعي جي جاچ ڪئي پئي وڃي”
هي واقعو شايد پهريون ڀيرو هوندو جڏهن 28 فيبروري تي شروع ٿيل جنگ دوران ايران ڪنهن آمريڪي جهاز کي نشانو بڻايو آهي۔ هن تڪرار ۾ آمريڪا ۽ اسرائيل ٻئي F-35 جهاز استعمال ڪري رهيا آهن؛ هن جهاز جي قيمت 100 ملين ڊالر کان به وڌيڪ آهي۔
ايمرجنسي لينڊنگ ان وقت ٿي آهي جڏهن آمريڪا جا سينيئر عملدار ايران خلاف مهم ۾ وڏي ڪاميابي جا دعوٰي ڪري رهيا آهن۔ دفاعي سيڪريٽري پيٽ هيگسيٿ خميس جي صبح چيو ته آمريڪا “فيصلائتي نموني کٽي رهيو آهي” ۽ ايران جي هوائي دفاعي نظام کي “مڪمل طور تباهه ڪيو ويو آهي”۔

پهنجو تبصرو موڪليو