گورنر جي برسات ۾ فوت ٿي ويل جي پونئرن سان تعزيت

گورنر جي برسات ۾ فوت ٿي ويل جي پونئرن سان تعزيت

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)گورنر سنڌ محمد نهال هاشمي جي مجيد ڪالوني لانڍي جو دورو ڪيو،جتي هن برسات سبب گهر جي ڀت ڪرڻ سبب مڙس زال شير ولي ۽ رياست بي بي جي وفات تي گورنر سنڌ جي وارثن سان تعزيت ڪئي،گورنر سنڌ پاران زخمي عورتن ۽ ٻارن جي عيادت، مالي سهائتا پڻ ڪئي گورنر سنڌ طرفان شير ولي ۽ رياست بي بي جي تدفين، فوتين جا لاش اباڻي علائقي منتقل ڪرڻ ۽ ٻين خرچن جي ادائيگي جو اعلان ڪيو،اين ڊي ايم اي کي ريسڪيو ڪارروايون تيز ڪرڻ جون هدايتون پڻ ڏنيون،گورنر سنڌ عوام کي اپيل ڪئي ته بجلي جي ٿنڀن ۽ ڪِريل تارن کان پري رهن ،ريسڪيو ادارن کي فوري قدم کڻڻ جون هدايتون جاري زخمين کي بروقت ۽ بهترين طبي امداد فراهم ڪرڻ لاءِ سڀ وسيلا استعمال ڪرڻ جي هدايت پڻ ڪئي

پهنجو تبصرو موڪليو