قاهره: (ويب ڊيسڪ) پاڪستان کي مصر ۾ هاڪي ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ رائونڊ جي فائنل ۾ شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.هاڪي ورلڊ ڪپ ڪواليفائنگ رائونڊ جي فائنل ۾ انگلينڊ پاڪستان کي 4-1 تان شڪست ڏني، پاڪستان لاءِ واحد گول رانا وليد ڪيو.هن شڪست سان پاڪستان ايونٽ ۾ ٻئي نمبر تي رهيو. پاڪستان سيمي فائنل ۾ جاپان کي شڪست ڏئي 8 سالن کان پوءِ هاڪي ورلڊ ڪپ لاءِ ڪواليفائي ڪيو.










