جناح پل کان پي آءِ ڊي سي تائين روڊ کوليو ويو

جناح پل کان پي آءِ ڊي سي تائين روڊ کوليو ويو

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي ۾ جناح پل کان پي آءِ ڊي سي تائين روڊ کي هلڪي ٽرئفڪ لاءِ کوليو ويو آهي.ٽرئفڪ پوليس اختيارين موجب، مائي ڪولاچي ڦاٽڪ کان جناح پل تائين روڊ کي به هلڪي ٽرئفڪ لاءِ کوليو ويو آهي، جڏهن ته، پي آءِ ڊي سي کان جناح پل تائين روڊ اڃا تائين ٽرئفڪ لاءِ بند آهي.عملدارن چيو آهي ته سلطان آباد ٽرئفڪ سيڪشن کان مائي ڪولاچي ڦاٽڪ تائين روڊ ٽرئفڪ لاءِ بند آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو