ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) اينٽي نارڪوٽڪس فورس (اي اين ايف) ٻن الڳ الڳ ڪاررواين دوران وڏي مقدار ۾ منشيات هٿ ڪئي آهي.اي اين ايف ترجمان موجب، ڪارروايون اٽڪ ۽ ڪوئيٽا ۾ ڪيون ويون.اختيارين موجب، ڪاررواين دوران 201.2 ڪلوگرام منشيات هٿ ڪئي وئي ۽ 4 شڪي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو. ضبط ٿيل منشيات ۾ 174 ڪلوگرام هيروئن، 25.2 ڪلوگرام چرس ۽ 2 ڪلوگرام برف شامل آهي.ترجمان موجب، شڪي ماڻهن خلاف نارڪوٽڪس ڪنٽرول ايڪٽ 1997 تحت ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.










