لاڙڪاڻو: (ن س) لاڙڪاڻو شهر جي غيبي محلي ۾ ڀت ڪرڻ سبب هڪ ڇوڪرو فوت ۽ ٻيو زخمي ٿي پيو.فوت ٿيل ٻار جي سڃاڻپ 14 سالن جي عمران شيخ ۽ زخمي جي سڃاڻپ 15 سالن جي زين العابدين طور ٿي آهي. مقتول عمران شيخ جي لاش ۽ زخمي زين العابدين کي ابتدائي طبي امداد لاءِ ٽراما سينٽر منتقل ڪيو ويو.ٽراما سينٽر جي اختيارين جو چوڻ آهي ته زخمي زين العابدين جي حالت نازڪ آهي، طبي امداد ۾ ڪا به ڪسر نه ڇڏي ويندي، ضروري ڪارروائي کانپوءِ مقتول عمران شيخ جي لاش وارثن جي حوالي ڪئي وئي.اطلاع تي پوليس اختيارين به موقعي تي پهچي واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي. پوليس جو چوڻ آهي ته جاچ کانپوءِ اصل حقيقتون سامهون اينديون.










