بحرين تي ايراني حملا
بحرين جي فوج دعويٰ ڪئي آهي ته هن ڇنڇر کان هينئر تائين ايران جا 73 ميزائل ۽ 91 ڊرون تباهه ڪيا آهن۔
ياد رهي ته بحرين تي ڪيترائي حملا ٿي چڪا آهن، جنهن سبب ملڪ ۾ قائم آمريڪا جي سامونڊي فوجي اڏي کي به نقصان پهتو هو۔
يو اَي اِي جي حملن بابت بريفنگ
گڏيل عرب امارات جي وزارتِ دفاع چيو آهي ته ڇنڇر تيآمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن جي ردعمل ۾ علائقي ۾ ٿيل ايراني حملن دوران 186 ميزائيل فائر ٿيا جن مان سندن فضائي دفاعي نظام 172 ميزائل تباهه ڪيا ۽ 13 سمنڊ ۾ ڪري تباهه ٿيا.
ترجمان مطابق سندن فوجن 812 ايراني ڊرون ڏٺا، جن مان 755 تباهه ڪيا ويا ۽ 57 ملڪ اندر ڪريا۔
گڏيل عرب امارات 8 ڪروز ميزائل تباهه ڪرڻ جي به دعويٰ ڪئي آهي، پر ترجمان موجب “ان سبب ڪجهه نقصان ٿيو، ٽي ڄڻا فوت ٿيا ۽ ڪجهه ماڻهن کي معمولي زخم آيا.”
ايران جا 2 جهاز ڪيرائڻ جو معاملو
قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان ماجد الانصاري پريس بريفنگ دوران ٻڌايو ته گذريل ڏينهن ٻن ايراني جنگي جهازن کي ڪيرائڻ کان اڳ سڀني قانونن تي عمل ڪيو ويو هو۔
اڱاري ڏينهن پريس بريفنگ دوران بي بي سي جي هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته ايراني هوابازن کي آگاهه ڪيو ويو هو ته هو قطر جي فضائي حدن ۾ داخل ٿي چڪا آهن ۽ ان مهل اسان سمجهيو ته اهي قطر لاءِ خطرو آهن ۽ انهن جو رخ دوحا ڏانهن آهي۔
هن وڌيڪ چيو ته اهي جهاز خليج جي سمنڊ مٿان تباهه ڪيا ويا هئا۔ پر ماجد الانصاري موجب انهن جهازن جي هوابازن بابت وٽن ڪا ڄاڻ موجود ناهي۔
قطر جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان وڌيڪ چيو ته ايران کي ممڪنه ردعمل ڏيڻ بابت سڀ اختيار قيادت وٽ موجود آهن، پر اسين اهو واضح ڪرڻ چاهيون ٿا ته اهڙن حملن جو جواب ڏنو ويندو۔
پاڪستاني دفاع واري وزير جو بيان
خواجا آصف الزام لڳايو آهي ته ايران تي حملو ڪريبن يامين نيتن ياهو غزه تان عالمي ڌيان هٽائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي۔
اڱاري ڏينهن سماجي رابطن واري پليٽ فارم X تي پنهنجي بيان ۾ خواجه آصف چيو ته “عالمي ميڊيا جو ڌيان هاڻي ايران تي مرڪوز آهي، جنهن سان نيتن ياهو کي خاموشي سان غزه ۽ اولهه ڪناري ۾ قتل ۽ تباهي جو موقعو ملي ويو آهي۔”
هن وڌيڪ الزام هنيو ته “نيتن ياهو جي ذاتي شيطاني مقصدن فلسطين ۽ وچ اوڀر کي انساني تاريخ جي سڀ کان وڏي سانحي ڏانهن ڌڪي ڇڏيو آهي۔”










