مودي ڀارت جي سفارتي خودمختاري قربان ڪئي آهي، سونيا

مودي ڀارت جي سفارتي خودمختاري قربان ڪئي آهي، سونيا

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) ڀارتي رسالي ۾ ڇپيل پنهنجي مضمون ۾ سونيا گانڌي لکيو آهي ته ڀارتي حڪومت ايران جهڙي ڊگهي عرصي جي اتحادي کي نظرانداز ڪري ۽ اسرائيل جي پٺڀرائي ڪري ڀارت جي سفارتي خودمختياري کي قربان ڪيو آهي۔
هن نشاندهي ڪئي ته ڀارت تاريخي طور تي اسرائيل ۽ ايران جي وچ ۾ انتهائي محتاط توازن قائم رکندو آيو آهي، پر هاڻينريندرا مودي ان کي سياسي ڏيکاءَ جي ور چاڙهي ڇڏيو آهي۔
سونيا گانڌي موجب هن طرزِ عمل عالمي سطح تي ڀارت جي ساک بابت سنجيده سوال اٿاري ڇڏيا آهن ۽ حڪومت کي اسرائيل نواز مفادن جو رڳو تابعدار بڻائي پيش ڪيو آهي، جڏهن ته جنهن کي مودي حڪومت سفارتڪاري سڏي ٿي، اهو دراصل بحراني لمحن ۾ ذميواري کان پاسو ڪرڻ آهي۔
هن وڌيڪ لکيو ته اها اخلاقي بزدلي آهي، جنهن سبب عالمي فورمن تي ڀارت جي حيثيت ڪمزور نظر اچي ٿي۔
سونيا گانڌي موجب ايران جي اعليٰ اڳواڻ علي خامنائي جي قتل تي ڀارت جو هلڪو ردعمل هن ڳالهه جو واضح اشارو آهي ته نئين دهلي پنهنجي آزاد پرڏيهي پاليسي جي دعويٰ تان هٿ کڻي چڪي آهي۔

پهنجو تبصرو موڪليو