آپريشن غضب للحق  ۾ 435 خارجي مارجي ويا، 630 زخمي

آپريشن غضب للحق ۾ 435 خارجي مارجي ويا، 630 زخمي

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطا تارڙ آپريشن غدب للحق جا تازا تفصيل سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ايڪس تي جو ٻڌائيندي اطلاعات واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو ته آپريشن غدب الحق دوران هاڻي تائين 435 خارجي مارجي ويا ۽ 630 زخمي ٿيا آهن.عطا تارڙ چيو ته آپريشن دوران طالبان حڪومت جون 188 چيڪ پوسٽون مڪمل طور تي تباهه ڪيون ويون، 31 پوسٽون قبضي ۾ ڪيون ويون، 188 دشمن ٽينڪ ۽ بکتر بند گاڏيون پڻ تباهه ڪيون ويون، جڏهن ته افغانستان ۾ 51 مختلف هنڌن تي اثرائتي هوائي حملي ڪيا ويا.ان کان اڳ، سيڪيورٽي ذريعن چيو هو ته پاڪستاني فورسز ڪاميابي سان آپريشن ڪيو ۽ خوست ۾ فتنا الخوارج ۽ افغان طالبان جي هٿيارن جي ڊپو کي تباهه ڪيو.ذريعن موجب، پاڪ-افغان سرحد تي بي سبب جارحيت کان پوءِ، فتنا الخوارج ۽ افغان طالبان هر محاذ تي سخت دٻاءُ ۽ پوئتي هٽڻ کي منهن ڏئي رهيا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو