ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي پاڪستان جي امير حافظ نعيم الرحمان چيو آهي ته آمريڪي قونصليٽ تي فائرنگ ۾ 16 شهيدن جو واقعو هڪ تمام افسوسناڪ سانحو آهي، غير مسلح مظاهرين تي سڌي فائرنگ جو ڪو به جواز ناهي، اسان ان جي سخت مذمت ڪريون ٿا.پنهنجي بيان ۾ حافظ نعيم الرحمان چيو ته ايران تي حملو بين الاقوامي قانونن جي واضح خلاف ورزي آهي، سپريم ليڊر آيت الله خامنه اي جي شهادت مسلم امت لاءِ هڪ وڏو سانحو آهي، امام خامنه اي سجدو ڪرڻ بدران مزاحمت جو رستو اختيار ڪيو ۽ شهادت جو پيالو کنيو.هن چيو ته آمريڪي قونصليٽ تي فائرنگ ۾ 16 شهيدن جو واقعو هڪ تمام افسوسناڪ سانحو آهي، غير مسلح مظاهرين تي سڌي فائرنگ جو ڪو به جواز ناهي، اسان ان جي سخت مذمت ڪريون ٿا، پاڪستاني حڪومت ذميوارن کي انصاف جي ڪٽهڙي ۾ آڻي، رڳو خاموشي ڪم نه ڪندي، پاڪستاني سرزمين تي آمريڪي غنڊه گردي ناقابل قبول آهي، ريمنڊ ڊيوس طرز جي امداد نه ڏني وڃي.هن چيو ته حڪمرانن کي ڳجهي طور تي مذمت ڪرڻ بدران ڊونلڊ ٽرمپ ۽ اسرائيل جي کليل مذمت ڪرڻ گهرجي. ايران سان جنگ صرف ايران بابت ناهي، اها سڄي خطي ۽ پاڪستان جي دفاع جي جنگ آهي. جيڪڏهن ايران ۾ “حڪومتي تبديلي” جو خواب سچو ٿيو ته اسرائيل پاڪستان جي سرحدن تائين پهچي ويندو.










