اسلام آباد (بيورو رپورٽ)پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف جي ايڇ ڪيو راولپنڊي جو دورو ڪيو جتي فوجي قيادت وزيراعظم کي پاڪستان ۽ افغانستان جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني.ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته فتنه الخارج ۽ افغان طالبان حڪومت جي گٺ جوڙ ۽ شرارتي ڪاررواين لاءِ صفر رواداري اختيار ڪئي وڃي.وزيراعظم چيو ته افغان طالبان حڪومت ۽ فتنه الخارج جي پاڪستان خلاف ڪارروايون ناقابل قبول آهن.شهباز شريف چيو ته فيلڊ مارشل سيد عاصم منير جي اڳواڻي ۾ پاڪستاني هٿياربند فوج هميشه ملڪ جي حفاظت لاءِ تيار آهي، پاڪستان ڪنهن به جارحيت خلاف پنهنجو دفاع ڪرڻ ڄاڻي ٿو. وزيراعظم سرحدي علائقن ۾ افغان طالبان حڪومت جي حملن کي رد ڪرڻ تي پاڪستاني هٿياربند فوج جي تعريف ڪئي ۽ مضبوط جوابي ڪارروائي ڪرڻ تي پاڪستاني هٿياربند فوج جي پيشيورانه صلاحيتن جي تعريف ڪئي.وزيراعظم چيو ته پوري قوم وطن جي حفاظت لاءِ پنهنجي پاڪستاني هٿياربند فوج سان گڏ بيٺي آهي.










