خانپورمهر: (ن س) خانپورمهر ويجهو سهانجڙو بوزدار سميت مختلف علائقن ۾ پوليس جو ڏوهارين جي گرفتاري لاءِ اڄ ٽئين ڏينهن بہ آپريشن جاري آهي پوليس ٽئين ڏينهن تي بہ مختلف ڳوٺن تي چڙهائيون گهر گهر تلاشي ورتي پوليس ڪيترن ئي مبينا ڏوهارين جا گهر ڊاهي پٽ ڪري گهرن کي باھ ڏئي ساڙي ڇڏيو پوليس جو چوڻ آهي ايس ايس پي گهوٽڪي جي حڪم تي ڏوهارين خلاف آپريشن جاري آهي، مختلف سنگين ڪيسن ۾ گهربل جوابدارن جي گرفتاري لاءِ آپريشن ڪري رهيا آهيون، جيڪو جوابدارن جي گرفتاري تائين جاري رهندو واضع رهي تہ آپريشن جي اڳواڻي ڊي ايس پي ميرپورماٿيلو ۽ ايس ايڇ او خانپورمهر برڪت ڀٽي ڪري رهيا آهن










