گهرن کي باهه، ٻڪريون سڙي زخمي، لکين رپين جو نقصان

گهرن کي باهه، ٻڪريون سڙي زخمي، لکين رپين جو نقصان

نوابشاهه (اي ڪي ڏاھري) سٺ ميل ڀرسان ڳوٺ حاجي نهال خان سيٺار لڳ پنهنجي زمين ۾ ويٺل هارين اشرف علي ۽ مبارڪ سيٺار جي گهرن کي اچانڪ باهه لڳي وئي جنهن ۾ ٻنهي ڀائرن جا گهر سڙي رک ٿي ويا. 1 ٻڪري سڙي مري وئي ۽ 4 ٻڪريون زخمي ٿي پيون. نقصان جو ڪاٿو 5 لک روپين کان وڌيڪ ٻڌايو وڃي ٿو. جڏهن ته باهه متاثرن اشرف علي سيٺار ۽ مبارڪ سيٺار جو چوڻ آهي ته اسان پنهنجي ڪم ڪار ۾ هئاسين اچانڪ باهه لڳي وئي آهي انهي وقت بجلي به نه هئي.

هنن چيو ته اسان سخت سردي ۾ کليل آسمان هيٺ ويٺل آهيون اسان کي فوري طور تي گهر ٺاهي ڏيڻ جو بندوبست ڪيو وڃي ته جيئن اسان پنهنجي ٻچن کي ٿد کان بچائي سگهون. جڏهن ته باھ لڳڻ جو سبب معلوم ٿي نه سگهيو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو