دهلي (ويب ڊيسڪ)آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي 28 هين ميچ ۾ افغانستان گڏيل عرب امارات (يو اي اي) کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ڇڏي. دهلي جي ارون جيٽلي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل ميچ ۾ افغانستان ٽاس کٽي پهرين بالنگ جو فيصلو ڪيو، جنهن جي جواب ۾ يو اي اي جي ٽيم 9 وڪيٽن جي نقصان تي 160 رنسون ٺاهي سگهي. يو اي اي لاءِ، شعيب خان 48 بالن تي 68 رنسون ٺاهيون، جنهن ۾ 6 چوڪا ۽ 4 ڇڪا شامل هئا، جڏهن ته عليشان شرفو 40 رنسون ٺاهيون. يو اي اي ٽيم جا پنج رانديگر ٻٽي انگ تائين به نه پهچي سگهيا، جن مان ٽي صفر تي پويلين موٽي ويا، جڏهن ته باقي ٻن رانديگرن 3-3 رنسون ٺاهيون. افغانستان لاءِ عظمت الله 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته مجيب الرحمان 2 ۽ ڪپتان راشد خان هڪ وڪيٽ ورتي. 161 رنسن جي هدف جي تعاقب ۾، افغان ٽيم آخري اوور ۾ ميچ کٽي ورتي. افغانستان جو اوپننگ بيٽسمين رحمان الله گرباز صفر تي آئوٽ ٿي ويو، پر پوءِ ابراهيم زدران 53 رنسون ٺاهي ٽيم کي سٺي شروعات ڏني. عظمت الله عمر زئي 21 بالن تي 3 ڇڪن ۽ 2 چوڪن جي مدد سان 40 رنسون ٺاهي ٽيم جي فتح ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.










