اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته اسلام آباد جيل جو ڪم مڪمل ٿيندي ته عمران خان کي اتي منتقل ڪيو ويندو. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي محسن نقوي چيو ته ٻن مهينن اندر اسلام آباد جيل مڪمل ٿي ويندي ۽ اتي اکين جي علاج سميت سڀ سهولتون موجود هونديون.هن چيو ته عمران خان کي سزا اسلام آباد جي عدالت مان ٿي آهي، انڪري کيس اسلام آباد جيل منتقل ڪيو ويندو.










