خيرات گهرڻ منظم ۽ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي چڪو

خيرات گهرڻ منظم ۽ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي چڪو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) دفاع واري وزير خواجه آصف چيو آهي ته ملڪ ۾ خيرات گهرڻ هاڻ هڪ منظم ۽ منافعي بخش ڪاروبار بڻجي چڪو آهي.هن چيو ته انهي جي پٺيان طاقتور مافيا سرگرم آهي، هن چيو ته خيرات گهرندڙن جو نيٽ ورڪس ڪروڙين روپيه ڪمائيندو آهي انهي مقصد لاءِ ٻارن، عورتن ۽ جعلي معذور ماڻهن کي ڀرتي ڪيو ويندو آهي.خواجه آصف انڪشاف ڪيو ته وڏي تعداد ۾ خيرات گهرندڙن کي عرب ملڪن ڏانهن اماڻيو ويندو آهي. جنهن سبب لاڳاپيل ملڪن پاڪستاني شهرين تي ويزا پابنديون لڳائي ڇڏيون آهن.دفاع واري وزير چيو ته اهو هڪ ڪڌو ڪاروبار آهي جنهن ۾ هوائي اڏن تي مقرر مختلف کاتن جي اهلڪارن جي مبينه ملي ڀڳت به سامهون آئي آهي.خواجه آصف چيو ته سيالڪوٽ ۾ ڏکڻ پنجاب کان اچي خيرات گهرندڙ گروپ وڏي وقت کان سرگرم آهي پر انتظاميه ۽ پوليس ڪارروائين جي نتيجي ۾ خيرات گهرندڙن جي خلاف نمايان گهٽتائي آهي.خواجه آصف وڌيڪ چيو ته خيرات گهرندڙن جي سرپرستي ڪئي پئي وڃي انهي نيٽ ورڪ سان ٻيا ڏوهاري به جڙيل آهن جنهن جي خاتمي لاءِ سخت قدمن جي ضرورت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو