اسلام آباد (بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي قصور ۾ زيادتي بعد قتل ٿيندڙ ٻارڙي جي نالي سان پيش ڪيل زينب الرٽ بل متفقه طور منظور ڪري ورتو. قومي اسيمبلي جي اسٽينڊنگ ڪميٽي انساني حقوق 8 آڪٽومبر 2019 تي زينب الرٽ بل منظور ڪيو هو. اسپيڪر قومي اسيمبلي اسد قيصر جي سربراهي ۾ ٿيندڙ اجلاس ۾ وفاقي وزير انساني حقوق شيرين مزاري زينب الرٽ بل ايوان ۾ پيش ڪيو. اسپيڪر اسد قيصر زينب الرٽ بل تي قومي اسيمبلي ۾ ووٽنگ ڪرائي جنهن متفقه طور تي منظور ڪري ورتو. شيرين مزاري ان موقعي تي خيالن جو اظهار ڪندي زينب الرٽ بل جي منظوري تي اسد عمر ۽ ڊاڪٽر مهرين رزاق ڀٽو جو خصوصي شڪريو ادا ڪيو. هن جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ مجرمن کي سرعام لٽڪائڻ ۾ ڪا به گنجائش ناهي جيڪڏهن سرعام لٽڪائڻ جي سزا ڏيڻي آهي ته قانون ۾ ترميم ڪئي وڃي. ڊاڪٽر مهرين ڀٽو چيو ته زيادتي جو شڪار ٿيندڙ زينب جي اڄ ٻي ورسي آهي اڄ ئي زينب الرٽ بل منظور ڪيو ويو آهي. قومي اسيمبلي کان منظور ٿيندڙ زينب الرٽ بل وفاقي گادي واري شهر ۾ اسلام آباد تي لاڳو ٿيندو، وزيراعظم طرفان گم ٿيل ۽ لاپتا ٻارن جي حوالي سان هڪ ڊائريڪٽر جنرل مقرر ڪيو ويندو ان سان گڏ آفيسر ۽ اهلڪار به مقرر ڪيا ويندا. بل مطابق ڊائريڪٽوريٽ جنرل زينب الرٽ، ريسپانس ۽ ٻارن جي رڪوري جي حوالي سان مانيٽرنگ ڪندو ۽ هيلپ لائين 1099 سان گڏجي ڪم ڪيو ويندو. منظور بل مطابق ريسپانس اينڊ رڪوري بل جي نگراني وفاقي چائلڊ پروٽيڪشن ايڊوائزري بورڊ ڪندو ڪنهن به ٻار جي گم ٿيڻ جي صورت ۾ پي ٽي اي اٿارٽي فون تي ٻارڙن جي باري ۾ پيغام موڪليندي ۽ ٻار گم هجڻ جي صورت ۾ ٻن ڪلاڪن اندر ڪيس داخل ڪيو ويندو. بل جي متن مطابق 3 مهينن اندر ٽرائل مڪمل ڪري جوابدار کي سزا ڏني ويندي ۽ ڪيس دير سان داخل ڪندڙن خلاف پاڪستان پينل ڪوڊ جي قلم 182 تحت ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي. بل مطابق 18 سالن کان گهٽ عمر جي ٻارن جي اغوا ڪندڙن کي سزاءِ موت يا عمر قيد جي سزا ڏني ويندي. واضح رهي ته گذريل سال جي شروعات ۾ پنجاب جي ضلع قصور کان اغوا ٿيندڙ 7 سالن جي معصوم نينگر زينب کي زيادتي جو نشانو بڻائڻ بعد قتل ڪيو ويو هو ۽ ان جو لاش 9 جنوري تي هڪ ڪچري جي ڊٻي مان مليو هو. جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ اندر ان واقعي خلاف مظاهرا شروع ڪيا ويا هئا جنهن تي چيف جسٽس آف پاڪستان واقعي جو پاڻمرادو نوٽيس ورتو ۽ پوليس کي قاتل جلد گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو. 23 جنوري تي پوليس زينب سميت قصور جي 8 ٻارڙن سان زيادتي ۽ قتل ۾ ملوث عمران کي گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي هئي. فيبروري جي 17 تاريخ تي دهشتگردي جي خصوصي عدالت ملزم عمران کي 4 ڀيرا سزاءِ موت ٻڌائي جنهن کي ملڪ جي تاريخ جو تيز ترين ٽرائل قرار ڏنو ويو. مجرم عمران کي زينب جي اغوا، زيادتي ۽ قتل سان گڏ انساني دهشتگردي ايڪٽ جي قلم 7 تحت چار چار ڀيرا موت جي سزا ٻڌائي وئي. مجرم طرفان سزا خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ اپيل داخل ڪئي وئي پر 20 مارچ تي عدالت اها اپيل خارج ڪري ڇڏي. عدالت زينب سميت 7 ٻارڙن تهمينه، ايمان فاطمه، عاصمه، عائشه آصف، لائبه ۽ نور فاطمه جي قتل ڪيس ۾ مجرم عمران کي مجموعي طور تي 21 ڀيرا موت جي سزا ڏيڻ جو حڪم ٻڌايو جنهن کان پوءِ مجرم عمران کي 17 آڪٽومبر تي ڦاهي ڏني وئي. عدالت زينب سميت 7 ٻارڙن تهمينه، ايمان فاطمه، عاصمه، عائشه آصف، لائبه ۽ نور فاطمه جي قتل ڪيس ۾ مجرم عمران کي مجموعي طور تي 21 ڀيرا موت جي سزا ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو ۽ پوءِ عمران کي 17 آڪٽومبر تي ڦاهيءَ تي لٽڪايو ويو.










