ڪوئٽا\ اسلام آباد(نمائندن وٽان)بلوچستان ۾ ڇنڇر جي صبح شروع ٿيندڙ حملن دوران صوبي جي گاديءَ واري شهر ڪوئٽه کي به نشانو بڻايو ويو، جتي دهشتگردن شهر جي مختلف علائقن ۾ حملا ڪيا. پي ٽي وي سيڪورٽي ذريعن جي حوالي سان خبر ڏني آهي ته مختلف شهرن ۾ سيڪورٽي فورسز سان مقابلن ۾ 67 دهشتگرد مارجي چڪا آهن ۽ سمورا حملا ناڪام بڻايا ويا آهن.
بي بي سي جي رپورٽ موجب، شهر ۾ حملن جو سلسلو صبح ڇهين وڳي کان پوءِ شروع ٿيو، جنهن جي شروعات شهر جي ڏکڻ وارن علائقن کان ٿي. شيخ زايد اسپتال واري علائقي کان بلوچستان يونيورسٽي جي ڀرپاسي ۾ هٿياربند ماڻهن پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز جي چيڪ پوسٽن تي حملا ڪيا.
سرياب جي هزار گنجي واري علائقي ۾ بئنڪن کي به نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته خالق شهيد پوليس ٿاڻي تي به حملو ڪيو ويو. ان دوران ٻين سرڪاري تنصيبات تي به حملن جا اطلاع ملندا رهيا.
بعد ۾ انهن حملن جو دائرو ريڊ زون جي ويجهو ايڌي چوڪ تائين پکڙجي ويو، جتي صبح نَوَ وڳي هڪ زوردار ڌماڪي کان پوءِ منجهند هڪ وڳي تائين فائرنگ جا آواز ايندا رهيا. ايڌي چوڪ جي ويجهو واقع يونيورسل ڪمپليڪس ۾ موجود هڪ عيني شاهد ايياز احمد بي بي سي کي ٻڌايو ته ڌماڪو ايترو ته شديد هو، جو ڪمپليڪس جا شيشا ٽٽي پيا.
ڌماڪي سبب امداد چوڪ کان جناح روڊ تائين واري علائقي ۾ هوٽلن جا شيشا ٽٽي پيا، جڏهن ته دڪاندارن پنهنجون دڪانون بند ڪري ڇڏيون. سول سيڪريٽريٽ ۾ به آفيسن ۾ ڪو ڪم ڪار نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ضلعي ڪچهري ۽ ماتحت عدالتن ۾ به ڪارروائيون معطل ٿي ويون.
ان دوران ريڊ زون جي آس پاس وارن علائقن مان به وقفي وقفي سان فائرنگ جا آواز ٻڌڻ ۾ ايندا رهيا. سيڪيورٽي اهلڪارن صحافين کي سول اسپتال وڃڻ کان به روڪي ڇڏيو.
ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف علائقن ۾ حملا، عيني شاهدن ڇا ڏٺو؟
پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف موجب، بلوچستان ۾ 12 مختلف هنڌن تي دهشتگردن حملا ڪيا، جن ۾ ڪوئٽه، نوشڪي، دالبندين، پسني ۽ گوادر شامل آهن.
پاڪستان جي وفاقي وزير داخلا محسن نقوي ڇنڇر ڏينهن تصديق ڪئي آهي ته ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ دهشتگردي جي واقعن دوران گهٽ ۾ گهٽ 37 شدت پسند ۽ 10 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا آهن.
ڪوئٽا
بي بي سي جي رپورٽ موجب، ڪوئٽه ۾ ڇنڇر جي صبح ڇهين وڳي کان پوءِ حملن جي شروعات ٿي، جتي دهشتگردن سرياب روڊ ۽ هزار گنجي کان وٺي ريڊ زون جي ويجهو ايڌي چوڪ تائين وارن علائقن ۾ حملا ڪيا. ايڌي چوڪ تي هڪ زوردار ڌماڪو به ٿيو، جنهن جي نوعيت بابت فوري طور ڪا تصديق نه ٿي سگهي.
مستونگ
پوليس عملدارن موجب، مستونگ جيل تي ٿيندڙ حملي دوران 27 قيدي جيل مان فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا.
نوشڪي
ضلعي نوشڪي ۾ عملدارن موجب، دهشتگردن ڊپٽي ڪمشنر جي گهر تي به حملو ڪري کين يرغمال بڻائي ورتو آهي.
خاران
مقامي پوليس اهلڪار موجب، خاران ۾ ملازئي قومي اتحاد جي چيئرمين مير شاهد گل ملازئي جي گهر تي حملي دوران مير شاهد گل ۽ سندس محافظن سميت ست ڄڻا مارجي ويا. پوليس موجب، انهن جو گهر ۽ گاڏي به ساڙي وئي.
گوادر
سيڪيورٽي ذريعن گوادر ۾ به حملي جي تصديق ڪئي آهي، جتي خضدار سان تعلق رکندڙ هڪ خاندان جا 11 فرد مارجي ويا، جن ۾ ٽي عورتون ۽ ٽي ٻار به شامل آهن.
پسني
بلوچستان جي ضلعي پسني ۾ هڪ عورت خودڪش حملا آور پاران ميرين ٽائم سيڪيورٽي ايجنسي جي آفيس تي حملي جو به اطلاع مليو آهي، پر عملدارن نقصان بابت تفصيل مهيا نه ڪيا آهن.
مڇ
ضلعي مڇ ۾ پوليس اهلڪار ۽ مقامي صحافي موجب، ماڻهن کي گهرن کان ٻاهر نه نڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون آهن، جنهن لاءِ مسجدن مان اعلان به ڪرايا ويا آهن.
سردار اختر مينگل جو بيان
بلوچستان نيشنل پارٽي (بي اين پي) جي سربراهه سردار اختر مينگل بلوچستان جي صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪندي چيو آهي ته علائقن کي نو انٽري زون ۾ تبديل ڪيو ويو آهي.
ايڪس (ٽويٽر) تي پنهنجي بيان ۾ هن چيو: “ميڊيا هائوسز سڀ خاموش آهن، مون پنهنجي زندگي ۾ اهڙي تشويشناڪ صورتحال ڪڏهن نه ڏٺي آهي. ڇا وزير داخلا واضح ڪري سگهي ٿو ته ايس ايچ او ڪٿي آهي؟”
ان بيان تي ردعمل ڏيندي بلوچستان حڪومت جي ترجمان شاهد رند چيو ته: “جڏهن اسان جي پوليس ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيون آهن، تڏهن نالي ماتر سياسي اڳواڻ پنهنجو اصل چهرو ڏيکاري رهيا آهن، اسان کي انهن کان اهڙي ئي اميد هئي.”
ياد رهي ته آگسٽ 2024ع ۾ وزير داخلا محسن نقوي جو هڪ بيان به بحث هيٺ آيو هو، جنهن ۾ هن چيو هو ته: “بلوچستان ۾ ڪنهن آپريشن جي ضرورت ناهي، اهي دهشتگرد ته هڪ ايس ايچ او جي مار آهن.”
وزيراعليٰ بلوچستان جو بيان
بلوچستان جي وزيراعليٰ مير سرفراز بگٽي دعويٰ ڪئي آهي ته گذريل 12 مهينن دوران صوبي ۾ سيڪيورٽي فورسز 700 کان وڌيڪ دهشتگرد ماريا آهن. هن چيو ته صرف گذريل ٻن ڏينهن ۾ سيڪيورٽي فورسز مختلف ڪاررواين دوران 70 دهشتگردن کي ماريو آهي.
ڪوئٽه ۽ ٻين شهرن ۾ دهشتگردي بابت ڳالهائيندي هن چيو: “اڄ سوير فتنه الهندوستان سان تعلق رکندڙ دهشتگردن مختلف علائقن ۾ حملا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر بلوچستان پوليس ۽ ايف سي جي بهادر جوانن گڏجي سڀ حملا ناڪام بڻائي ڇڏيا.” هن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي بروقت ڪاررواين ۾ هاڻي تائين 37 دهشتگرد مارجي چڪا آهن.
وزيراعليٰ چيو: “اهي بزدلاڻا حملا دهشتگردي خلاف اسان جي عزم کي ڪمزور نٿا ڪري سگهن، رياست آخري دهشتگرد جي خاتمي تائين آرام سان نه ويهندي.”
بلوچستان ۾ دهشتگردي: هاڻي تائين اسين ڇا ٿا ڄاڻون؟
وفاقي وزير داخلا محسن نقوي تصديق ڪئي آهي ته ڇنڇر ڏينهن ڪوئٽه سميت بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ 37 شدت پسند ۽ 10 سيڪيورٽي اهلڪار مارجي ويا آهن. صوبي جي مختلف شهرن ۾ صبح کان ڌماڪن ۽ فائرنگ جا اطلاع ملندا رهيا، جڏهن ته ڪجهه علائقن ۾ زوردار ڌماڪا به ٻڌا ويا.
وزيراعظم شهباز شريف موجب، بلوچستان جي 12 هنڌن تي دهشتگرد حملا ڪيا ويا. وزيراعظم آفيس جي بيان موجب، گذريل 48 ڪلاڪن دوران مختلف آپريشنز ۾ 88 دهشتگرد ماريا ويا آهن.
ڪوئٽه ۾ ڌماڪن ۽ فائرنگ کان پوءِ ريڊ زون کي سيل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سول سيڪريٽريٽ، عدالتون ۽ ٻيا سرڪاري ادارا بند ڪيا ويا آهن. سي ٽي ڊي موجب، ڪوئٽه جي سرياب روڊ تي ڪارروائي دوران چار مبينا شدت پسند مارجي ويا.
دهشتگردي سبب ڪوئٽه کان اندرون ملڪ ايندڙ ۽ ويندڙ ٽرين سروس معطل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته جعفر ايڪسپريس کي جيڪب آباد تي روڪيو ويو آهي. بلوچستان حڪومت جي ترجمان موجب، ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي، ۽ وڌيڪ تفصيل في الحال مهيا نٿا ڪري سگهجن. حملي کان پوءِ ڪوئٽه ۾ انٽرنيٽ سروس بند آهي، جڏهن ته شهر مٿان هيليڪاپٽر گهمندا نظر اچي رهيا آهن.
ٻئي پاسي صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، بلاول ڀٽو زرداري، سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه ڌار ڌار جاري ڪيل بيانن ۾ دهشتگردن جا حملا ناڪام بنائڻ ۽ بهادري سان مقابلو ڪرڻ تي سيڪورٽي فورسز کي زبردست خراج پيش ڪيو آهي.










