نوشهرهه (ويب ڊيسڪ) آمريڪي ناظم الامور نيٽلي بيڪر خيبر پختونخواهه جي ضلعي نوشهره جو دورو ڪيو ۽ اتي آمريڪي سيڙپڪاري ۽ ڪاروباري سرگرمين جو جائزو ورتو.آمريڪي سفارتخاني موجب، 80 کان وڌيڪ آمريڪي ڪمپنين پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪئي آهي، ۽ آمريڪي ڪمپنيون 120,000 پاڪستانين کي سڌي طرح روزگار فراهم ڪري رهيون آهن.آمريڪي سفارتخاني ٻڌايو آهي ته 10 لک کان وڌيڪ پاڪستاني آمريڪي سيڙپڪاري مان اڻ سڌي طرح فائدو حاصل ڪري رهيا آهن، ۽ آمريڪا پاڪستان سان واپار ۽ سيڙپڪاري تعاون وڌائڻ لاءِ پرعزم آهي.ان حوالي سان چيو ويو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ اقتصادي تعاون گڏيل خوشحالي جو ذريعو ٿي سگهي ٿو.آمريڪي ناظم الامور نيٽالي بيڪر نوشهره ۾ ڊيف ريچ اسڪول جو به دورو ڪيو. هي اسڪول ٻڌڻ کان محروم ٻارن کي تعليم ۽ تربيت ڏئي رهيو آهي.










