اوڪاڙه: (ويب ڊيسڪ) لوڊر رڪشا ۽ موٽرسائيڪل جي ٽڪر ۾ هڪ نوجوان فوت ٿي ويو.دوچڪ روڊ تي حادثو تيز رفتاري سبب پيش آيو. موٽرسائيڪل تي سوار هڪ نوجوان لوڊر سان ٽڪرائجي موقعي تي ئي فوت ٿي ويو. حادثي جي اطلاع ملندي ئي امدادي ٽيمون ۽ پوليس جي وڏي نفري به موقعي تي پهچي وئي. پوليس عملدارن فوري طور تي فوت ٿيل نوجوان جي لاش کي ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو. پوليس اختيارين وڌيڪ چيو ته لوڊر رڪشا کي قبضي ۾ وٺي حادثي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي.










