ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواست تي ايف آءِ آر داخل ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.هاءِ ڪورٽ جي آئيني بينچ آڏو گم ٿيل شهرين جي بازيابي بابت درخواستن جي ٻڌڻي ٿي. درخواستگذار جي وڪيل دليل ڏنو ته گم ٿيل شهرين کي پوليس آفيسرن انهن جي گهرن مان حراست ۾ ورتو. گهر تي ڇاپي کان پوءِ، سچل پوليس اسٽيشن سان حراست ۾ ورتل ماڻهن لاءِ رابطو ڪيو ويو.پوليس اسٽيشن لاعلمي جو اظهار ڪيو ۽ اڃا تائين شهرين بابت ڪا به معلومات ناهي. ڌرين پاران جمع ڪرايل جوابن کي عدالتي رڪارڊ جو حصو بڻايو ويو.عدالت درخواستگذار کي ايف آءِ آر درج ڪرڻ لاءِ لاڳاپيل پوليس اسٽيشن سان رابطو ڪرڻ جي هدايت ڪئي. عدالت گم ٿيل شهرين جي ڳولا لاءِ ايف آءِ آر درج ڪرڻ جو حڪم ڏنو.محترمه رابعه بصري شاهه ولي الله ۽ عبداللطيف جي بازيابي لاءِ درخواست داخل ڪئي هئي. درخواست ۾ آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ويسٽ ڪراچي، سي ٽي ڊي سول لائنز، ايس ايڇ اوسچل ۽ ٻين کي ڌر بڻايو ويو هو.










