ڀارتي ظلم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو

ڀارتي ظلم ڪشميرين جا حوصلا ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام ٿيو

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته جبر ۽ تشدد جا ڀارتي حربا ڪشميري عوام جي عزم کي ڪمزور ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا آهن.ڪشميري حق خود اراديت جي ڏينهن تي پنهنجي پيغام ۾، پاڪستان جي وزيراعظم شهباز شريف چيو ته 5 جنوري تي، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۾ ڪشميري عوام جي خود اراديت جي حق کي تسليم ڪيو ويو. 5 جنوري 1949 تي، پاڪستان ۽ ڀارت بابت گڏيل قومن جي ڪميشن هڪ تاريخي قرارداد منظور ڪئي.وزيراعظم چيو ته قرارداد ۾ فيصلو ڪيو ويو ته جمو ۽ ڪشمير رياست جي مستقبل جو فيصلو هڪ آزاد ۽ غير جانبدار راءِ شماري ذريعي ڪيو ويندو، پر بدقسمتي سان، جمو ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غير قانوني قبضي جي ڪري اهو واعدو پورو نه ٿي سگهيو.شهباز شريف پنهنجي پيغام ۾ چيو ته والاريل ڪشمير جا ماڻهو 8 ڏهاڪن کان ڀارتي قابض فوج جي ظلمن کي منهن ڏئي رهيا آهن. عالمي برادري کي ڀارت جي ظالمانه قدمن کي ختم ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ گهرجن.

پهنجو تبصرو موڪليو