ٽي ٽي اي پي پاران قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار

ٽي ٽي اي پي پاران قومي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) قومي ڳالهين واري ڪميٽي پنهنجي گڏيل قومي ڪانفرنس کي منعقد ڪرڻ جي حوالي سان تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان سان رابطو ڪيو ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني.رپورٽ موجب تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان قومي ڳالهين واري ڪميٽي جي ڪانفرنس ۾ شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو آهي. ذريعن ٻڌايو ته اسان کي اڄ دعوتنامو مليو آهي پر اسان شرڪت کان انڪار ڪري ڇڏيو. پي ٽي آءِ باني عمران خان ڳالهين جو اختيار تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان کي ڏنو آهي. ڳالهيون تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي پليٽ فارم تان ٿينديون.قومي ڳالهين واري ڪميٽي جي قومي ڪانفرنس 7 جنوري تي اسلام آباد ۾ ٿيندي. مسلم ليگ(ن) پيپلز پارٽي، پي ٽي آءِ، جي يو آءِ، جماعت اسلامي کي شرڪت جي دعوت ڏني ويندي. ايم ڪيو ايم(ق) ليگ، بلوچستان عوامي پارٽي، اي اين پي ۽ ٻين پارٽين کي به گهرايو ويندو.

پهنجو تبصرو موڪليو