آمريڪا جي خوشيءَ کي جلد سوڳ ۾ تبديل ڪنداسين؛ ايران

تهران (ويب ڊيسڪ) ايران ۾ قدس فورس جي ڪمانڊر جنرل قاسم سليماني جي آمريڪي حملي ۾ مارجڻ تي سوڳ ملهايو پيو وڃي جڏهن ته ايران جي سپريم ڪمانڊر ۽ صدر کان پوءِ هاڻي پاسداران انقلاب جي ترجمان آمريڪا کان بدلو وٺڻ جي ڌمڪي ڏني آهي. غير ملڪي اداري مطابق جنرل قاسم سليماني جي مارجڻ تي هزارين ماڻهو دارالحڪومت تهران جي روڊن ي نڪري آيا ۽ آمريڪا خلاف سخت نعريبازي ڪئي. ايران جي سپريم ليڊر آيت الله خامنائي آمريڪي حملي کي وحشياڻو جرم قرار ڏيندي جنرل سليماني جي قتل جو بدلو وٺڻ جو اعلان ڪيو آهي. جڏهن ته ايراني صدر حسن روحاني به پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته جنرل سليماني جو قتل آمريڪا خلاف ايراني قوم کي وڌيڪ پختو عزم ٻيڻو ڪري ڇڏيو آهي. ايراني صدر چيو ته آمريڪا جي ان وحشياڻي جرم جو بدلو ورتو ويندو. ايراني پاسداران انقلاب جي ترجمان به پنهنجي بيان ۾ آمريڪا کي سخت وارننگ ڏيندي چيو آهي ته آمريڪي حملي کان پوءِ طاقت جو هڪ نئين باب جو آغاز ٿيندو. ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا جي ان وقتي خوشي کي جلد سوڳ ۾ تبديل ڪري ڇڏينداسين. ياد رهي ته عراق جي دارالحڪومت بغداد ۾ ٿيندڙ آمريڪي حملي ۾ ايران جي القدس فورس جو ڪمانڊر قاسم سليماني مارجي ويو هو. قاسم سليماني جي فوت ٿيڻ کانپوءِ ايراني سپريم ليڊر آيت الله خامنائي برگيڊيئر جنرل اسماعيل قاآني کي قدس فورس جو ڪمانڊر مقرر ڪيو آهي.

آمريڪا جي خوشيءَ کي جلد سوڳ ۾ تبديل ڪنداسين؛ ايران” هڪ تبصرو

پهنجو تبصرو موڪليو