ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ چيو آھي تہ ڪچي کان پوءِ ڪراچي جي واپارين طرفان ڀتا خوري جي آزار خلاف پريس ڪانفرنس مراد علي شاهه حڪومت خلاف ھڪ چارج شيٽ آھي، حڪومت جي نااھلي جي ڪري ڪراچي کان ڪشمور تائين ڌاڙيل راڄ توڙي سنڌ ۾ قبيلائي تڪرار ھڪ ناسور جي شڪل اختيار ڪري ويا آهن، جيڪي پڪي وارن جي سرپرستيءَ کان سواءِ ناممڪن آهي. ڀتاخوري، ڌاڙيل راڄ ۽ قبيلائي تڪرارن سبب امن تعليم ۽ ڪاروبار تباھ ٿي ويو آهي. واپاري خاص طور اقليتي برادري عدم تحفظ ڪري لڏپلاڻ ڪري ٻئي صوبي يا پرڏيھ وڃي رھي آھي. ٻئي طرف بدامني ۽ ڌاڙيل راڄ ڪري عوام جو جيئڻ بہ مشڪل ٿي پيو آهي. قبيلائي تڪرارن سوين حياتيون ڳڙڪائي ڇڏيون ۽ ھزارين خاندان تباھ ويڙھا ويران ڪري ڇڏيا. ھن اڄ ھڪ بيان ۾ چيو تہ جيڪڏهن پ پ جي سنڌ سرڪار انھن جو خاتمو چاھي تہ قبيلائي تڪرارن، ڀتاخورن کان وٺي ڌاڙيل راڄ تائين ڪو مسئلو ڪونہ آھي ڇوتہ ڪوبہ ڌاڙيل ، ڏوھاري يا ظالم سردار رياست کان وڌيڪ طاقتور ڪونہ آھي. لڳي ٿو تہ رياست پاڻ دھشتگردي قبيلائي تڪرار ۽ ڌاڙيل راڄ جو خاتمو نٿي چاھي. سنڌ جي گادي واري هنڌ ڪراچي ۾ واپارين کي ڀتي جون پرچيون ۽ ماڻھن جي گھرن تي قبضن مان لڳي ٿو تہ سنڌ ۾ حڪومت قانون ۽ انصاف نالي جي ڪابہ شي ڪونہ آھي. جڏھن ڪراچي جھڙي شھر ۾ ماڻھو غير محفوظ آھن تہ پوء باقي سنڌ جو عوام ڪھڙي عذاب ۾ ھوندو. شھرين جي جان و مال جي حفاظت حڪومت جي ذميواري آھي پر سنڌ حڪومت عوام کي ڌاڙيلن ڀتاخورن ۽ قبضا خورن جي رحم و ڪرم تي ڇڏي ڏنو آھي. ھن گھر ڪئي تہ حڪومت شھرين جي جان و مال جي حفاظت توڙي ڏوھن جي خاتمي لاءِ ڪرپشن فري عملي ۽ اثرائتا قدم کڻي.










