اسلام آباد (بيورو رپورٽ)اسلام آباد جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي، صوبائي وزير مينا آفريدي ۽ شفيع الله آفريدي سميت ٻين جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي شروع ڪري ڇڏي آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت جي جج ابوالحسنات ذوالقرنين ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ 26 نومبر جي احتجاج تي رمنا پوليس اسٽيشن ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو. عدالت پاران ڪيترائي ڀيرا طلب ڪرڻ جي باوجود جوابدار جي پيش نه ٿيڻ کان پوءِ هي ڪارروائي شروع ڪئي وئي آهي. ياد رهي ته عدالت نون پوليس اسٽيشن ڪيس ۾ خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير ۽ ٻين کي اشتهاري قرار ڏيڻ لاءِ ڪارروائي به شروع ڪري ڇڏي آهي.










