ڏيپلو( فرمان بجير) ڪولھي برادري جي قبرستان تي قبضا مافيا پاران قبضا ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان ماووجي ڪولھي، رام روپلو ڪولھي جي اڳواڻي ۾ ڪولھي برادري جي ماڻھن بدين اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو. ڌرڻي ۾ اڳواڻن چيو ته ڏيپلو شھر ۾ اسان ڪولھين جي قبرستان جي زمين ۾ قبضا مافيا قبضا ڪري پلاٽ وڪرو ڪن ٿا جنهن خلاف اسان مختيارڪار کي به درخواست ڏني آهي ليڪن عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان ھن احتجاجي ذريعي سرڪاري اعليٰ آفيسرن ۽ سياسي اڳواڻن کي اپيل ٿا ڪريون ته قبضا مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان دوران پ پ اڳواڻ نندلال مالھي ڪندن مالھي ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري جلد قبضا ختم ڪرائڻ اوھان سان انصاف ڪيو ويندو جي يقين ڌياني ڪرائڻ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪرايو.










