قبرستان تي قبضي خلاف ڪولهي برادري جو احتجاج

ڏيپلو( فرمان بجير) ڪولھي برادري جي قبرستان تي قبضا مافيا پاران قبضا ڪرڻ خلاف پريس ڪلب اڳيان ماووجي ڪولھي، رام روپلو ڪولھي جي اڳواڻي ۾ ڪولھي برادري جي ماڻھن بدين اسٽاپ کان پريس ڪلب تائين احتجاجي ريلي ڪڍي ڌرڻو ھنيو. ڌرڻي ۾ اڳواڻن چيو ته ڏيپلو شھر ۾ اسان ڪولھين جي قبرستان جي زمين ۾ قبضا مافيا قبضا ڪري پلاٽ وڪرو ڪن ٿا جنهن خلاف اسان مختيارڪار کي به درخواست ڏني آهي ليڪن عمل نه ٿيڻ جي صورت ۾ اسان ھن احتجاجي ذريعي سرڪاري اعليٰ آفيسرن ۽ سياسي اڳواڻن کي اپيل ٿا ڪريون ته قبضا مافيا خلاف قانوني ڪارروائي ڪري اسان سان انصاف ڪيو وڃي. ان دوران پ پ اڳواڻ نندلال  مالھي ڪندن مالھي ڌرڻي ۾ پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري جلد قبضا ختم ڪرائڻ اوھان سان انصاف  ڪيو ويندو جي يقين ڌياني ڪرائڻ کان پوءِ ڌرڻو ختم ڪرايو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو