ڪوهاٽ: (ويب ڊيسڪ) ڪوهاٽ جي تعلقي لاچي جي بازار ۾ پوليس اسٽيشن جي ڀرسان ٻن ڌرين جي وچ ۾ فائرنگ جي نيجي ۾ 4 ڄڻا مارجي ويا جڏهن ته 2 زخمي ٿي پيا.واقعي جي اطلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون موقعي تي پهچي ويون. مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي لاچي اسپتال منتقل ڪيو ويو. ريسڪيو اختيارين موجب سخت زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي هجڻ سبب کين ڪوهاٽ جي ڊي اي اسپتال منتقل ڪيو ويو.فائرنگ سبب مارجي ويلن ۾ حسن، ظاهر زمان، غفور ۽ معمور جڏهن ته زخمين ۾ اعجاز ۽ حماد شامل آهن، زخمين جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي. پوليس جي ڳري نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. فائرنگ جي واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










