پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ خلاف درخواست رد

پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ خلاف درخواست رد

پشاور: (ويب ڊيسڪ) پشاور هاءِ ڪورٽ خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي پي ٽي آءِ اسيمبلي ميمبرن کي آزاد قرار ڏيڻ خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي.درخواست جي ٻڌڻي جسٽس محمد نعيم انور ۽ جسٽس ڪامران حيات ميان خيل تي ٻڌل بينچ ڪئي.علي امين گنڊاپور جي درخواست ۾ اليڪشن رولز 94 کي چئلينج ڪيو ويو.درخواست ڏيندڙ جي وڪيل چيو ته اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ ميمبرن کي آزاد قرار ڏنو، هاڻي اليڪشن ڪميشن کي ٻڌائڻ گهرجي ته پي ٽي آءِ سياسي پارٽي آهي يا نه، اليڪشن ڪميشن جي وڪيل چيو ته پهرين پشاور هاءِ ڪورٽ جي 5 رڪني بينچ ۽ پوءِ سپريم ڪورٽ جو فيصلو مخصوص سيٽن تي آيو، مسلم ليگ ن جي وڪيل چيو ته آئيني بينچ نظرثاني درخواستن تي فيصلو ڏنو، هاڻي هي معاملو ختم ٿي چڪو آهي.دليل ٻڌڻ کان پوءِ پشاور هاءِ ڪورٽ درخواست تي فيصلو محفوظ ڪري ورتو، جيڪو هاڻي اعلان ڪيو ويو آهي.عدالت خيبر پختونخواهه جي اڳوڻي وڏي وزير جي درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو