راولپنڊي: (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت 9 مئي تي جي ايڇ ڪيو حملي ڪيس ۾ پي ٽي آءِ جي 18 غير حاضر جوابدارن کي اشتهاري قرار ڏئي ڇڏيو آهي. دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پاران اشتهاري قرار ڏنل جوابدارن ۾ شبلي فراز، عمر ايوب، ڪنول شوزب، شيخ راشد شفيق ۽ زرتاج گل شامل آهن. ان کان علاوه، مهر جاويد، محمد احمد چٺا، راءِ حسن نواز، بلال اعجاز، مرتضيٰ خان، اشرف سوهنا، چوڌري آصف، شڪيل نيازي، محمد انصار اقبال، حيدر محمود، شهير سڪندر ۽ حمزه لطيف کي به اشتهاري قرار ڏنو ويو آهي. عدالت سڀني جوابدارن جي غير منقوله ملڪيت ضبط ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا آهن، جڏهن ته ان حوالي سان جوابدارن جي لاڳاپيل ضلعن جي روينيو آفيسرن کي به حڪم ڏنو ويو آهي. عدالت روينيو آفيسرن کي جوابدارن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏنو ۽ چيو ته جيڪڏهن جوابدار مقرر تاريخ اندر عدالت ۾ پيش نه ٿيا ته انهن جي ملڪيت نيلام ڪئي وڃي. عدالت جوابدارن جي ضمانت ڪندڙن کي به نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن.










