ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)ڪراچي جي علائقي ڪلفٽن ۾ بلاول هائوس ويجهو سيف سٽي سافٽ ويئر باڪس جي چوري ۾ ملوث مفرور جوابدار کي گرفتار ڪيو ويو آهي.پوليس اختيارين موجب، جوابدار جي نشاندهي تي چوري ٿيل سامان هٿ ڪيو ويو ۽ ڪچرو وڪرو ڪندڙ کي به گرفتار ڪيو ويو.اختيارين جو چوڻ آهي ته سيف سٽي سافٽ ويئر باڪس جي چوري ۾ ملوث 3 جوابدارن کي اڳ ئي گرفتار ڪيو ويو آهي.










