پنجاب جي مختلف شهرن ۾ هوائي آلودگي جو راڄ برقرار

پنجاب جي مختلف شهرن ۾ هوائي آلودگي جو راڄ برقرار

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور سميت پنجاب جي مختلف شهرن ۾ هوائي آلودگي برقرار آهي.ماحولياتي ويب سائيٽ موجب، صوبائي گاديءَ وارو شهر لاهور سڀ کان وڌيڪ آلوده شهرن ۾ پهرين نمبر تي آهي، شهر جو مجموعي هوائي معيار جو انڊيڪس 331 رڪارڊ ڪيو ويو آهي.پنجاب جي ٻين شهرن ۾ به هوا انتهائي غير صحت بخش آهي، قصور ۾ AQI 327 ۽ نارووال ۾ 313 تائين پهچي ويو، جڏهن ته شيخوپوره ۾ ذرات جي مقدار 292 رڪارڊ ڪئي وئي.عالمي ماحولياتي ويب سائيٽ موجب، دنيا جي وڏن شهرن ۾ هوائي آلودگي جي لحاظ کان لاهور ڇهين نمبر تي ۽ ڪراچي 14 هين نمبر تي آهي.ان دوران، سخت ڪوهيڙي سبب پشاور ٽول پلازا کان برهان تائين M-1 موٽر وي بند ڪيو ويو.

پهنجو تبصرو موڪليو