ارڙهين ترميم تي سمجهوتو نٿو ٿي سگهي: شازيه مري

ارڙهين ترميم تي سمجهوتو نٿو ٿي سگهي: شازيه مري

ڪراچي: (اسٽاف رپورٽر) پاڪستان پيپلز پارٽي جي اڳواڻ شازيه مري چيو آهي ته ارڙهين ترميم صوبن جي دلين جي تمام گهڻو ويجهو آهي. ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نٿو ٿي سگهي. صوبن جي اختيارن کان پوئتي هٽڻ مناسب نه آهي.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي شازيه مري چيو ته ڪافي وقت کان 27هين ترميم جي حوالي سان افواهون هلي رهيون آهن پر حڪومت باقاعده پيپلز پارٽي سان 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان رابطو ڪيو آهي ۽ ترميم تي حمايت گهري آهي. هن چيو ته صوبن جي اختيارن تي پيپلز پارٽي اتفاق راءِ پيدا ڪيو، 18هين ترميم ۾ صوبن جي اختيارن کان پوئتي هٽڻ مناسب به ناهي ۽ ممڪن به نه ٿيندو. 18هين ترميم صوبن جي دلين جي تمام گهڻو ويجهو آهي انهي تي هرگز سمجهوتو نٿو ٿي سگهي.پ پ اڳواڻ چيو ته 27هين آئيني ترميم جي حوالي سان حڪومت جي پرپوزل کي پيپلز پارٽي جي سي اي سي ڪميٽي ۾ رکيو ويندو، سي اي سي ۾ سمورا فيصلا ڪيا ويندا.شازيه مري وڌيڪ چيو ته(ن)ليگ سان عوامي معاملن تي ڳالهيون ڪنداسين، 27هين آئيني ترميم تي عوامي اعتبار سان به ڏٺو ويندو. پيپلز پارٽي سموريون شيون پنهنجي اصولي موقف تي ڏسندي. جيڪڏهن حڪومت ڪنهن شيءَ تي متفق آهي ۽ اسان کي متفق ڪرڻ چاهي ٿي ته انهي تي ڳالهيون ٿي سگهن ٿيون.

پهنجو تبصرو موڪليو