فنڪشنل ليگ ۾ مختلف سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شموليت

فنڪشنل ليگ ۾ مختلف سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي شموليت

ڪراچي (رپورٽ) پاڪستان مسلم ليگ (فنڪشنل) سنڌ جي سيڪريٽري جنرل سردار عبدالرحيم سان فنڪشنل ليگ هائوس ڪراچي ۾ مختلف سياسي جماعتن سان لاڳاپيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي ملاقات ٿي، جن پارٽي ۾ باقاعدي شموليت اختيار ڪئي۔شامل ٿيندڙ شخصيتن ۾ سردار عارف، جهانزيب انور گھوري والا، امجد خان، محمد شڪيل، محمد تنوير، محمد اسماعيل، انور خان، فرحان خان، غلام سرور، خواجه نذير حسن، فخرالخان، زبير ۽ ٻيا شامل هئا۔ان موقعي تي سردار عبدالرحيم شموليت ڪندڙن کي خوش آمديد ڪندي چيو ته: “ڪراچي جي عوامي مسئلن جي حل لاءِ فنڪشنل ليگ هر طبقي جي نمائندن کي گڏ وٺي هلي رهي آهي۔”سردار عبدالرحيم وڌيڪ چيو ته: “فنڪشنل ليگ جا ڪارڪن پير صاحب پاگارو جي سربراهي ۽ سيد صدرالدين شاهه راشدي جي سياسي بصيرت هيٺ متحد آهن، ۽ پارٽي اندر ڪنهن به قسم جي گروپ بندي برداشت نه ڪئي ويندي۔”هن چيو ته: “عهديدار ۽ ڪارڪن هڪ ٻئي جي عزت ۽ احترام سان پارٽي کي وڌيڪ مضبوط بڻائن، ۽ عوام سان مسلسل رابطو برقرار رکن۔”سردار عبدالرحيم واضح ڪيو ته: “پارٽي ۾ ڀتا خورن، منشيات فروشن ۽ زمينن تي قبضو ڪندڙ مافيا لاءِ ڪا به گنجائش نه آهي، اهڙن عنصرن کي ڪنهن صورت برداشت نه ڪيو ويندو۔”ان موقعي تي فنڪشنل ليگ ضلع ڪورنگي جي صدر چوڌري تنوير، ضلع ويسٽ جي صدر رضا خان ۽ ٻيا اڳواڻ پڻ موجود هئا۔

پهنجو تبصرو موڪليو