يورپ بعد برطانيا لاءِ به پي آءِ اي جون اڏامون بحال

يورپ بعد برطانيا لاءِ به پي آءِ اي جون اڏامون بحال

ڪراچي(رپورٽ علي مرتضيٰ مهر)پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين جو 5 سالن بعد برطانيا لاءِ فلائيٽ آپريشن اڄ ٻيهر بحال ٿي رهيو آهي. PIA جي پهرين اڏام اڄ اسلام آباد کان 350 مسافرن کي کڻي مانچسٽر رواني ٿيندي. پهرين اڏام جي روانگي کان اڳ ئي برطانيا لاءِ ٽن مهينن جي ايڊوانس بڪنگ مڪمل ٿي چڪي آهي. ان موقعي تي ٻنهي هوائي اڏن تي تقريب منعقد ڪئي ويندي، جنهن ۾ وفاقي وزير دفاع ۽ هوا بازي خواجه آصف، يورپي يونين ۽ برطانيا جا سفير ۽ ٻيا اعليٰ عملدار شرڪت ڪندا. PIA جي ترجمان موجب، پهرين مرحلي ۾ اسلام آباد کان مانچسٽر تائين هفتي ۾ ٻه اڏامون هلنديون، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ لاهور ۽ ڪراچي کان به اڏامن جي شروعات ڪئي ويندي. ياد رهي ته 4 آڪٽوبر تي PIA پاران اهو اعلان تڏهن ڪيو ويو هو، جڏهن لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪمشن ٻڌايو هو ته قومي ايئر لائين هن مهيني برطانيا لاءِ اڏامون ٻيهر شروع ڪندي. PIA سماجي رابطن واري پليٽفارم ‘ايڪس’ (X) تي هڪ پوسٽ ذريعي پنهنجي ’تاريخي واپسي‘ جو اعلان ڪندي لکيو هو: ”انتظار ختم ٿيو! پاڪستان انٽرنيشنل ايئر لائين فخر سان مانچسٽر ۽ اسلام آباد کي ٻيهر ڳنڍي رهي آهي ۽ پيارن کي ويجهو آڻي رهي آهي.“ ياد رهي ته 22 مئي 2020ع تي ڪراچي جي ماڊل ڪالوني ۾ PIA جي ايئربس A320 جهاز جي تباهي ۽ لڳ ڀڳ 100 مسافرن جي فوت ٿيڻ واري حادثي کان هڪ مهينو پوءِ قومي ايئر لائين تي پابنديون لڳايون ويون هيون. جون 2020ع ۾ لڳايل انهن پابندين تحت PIA کي يورپي يونين، برطانيا ۽ آمريڪا لاءِ پروازن تي پابندي هئي. اهو تڏهن ٿيو، جڏهن ان وقت جي وزيرِ هوا بازي غلام سرور خان 262 پائلٽن جا لائسنس ’مشڪوڪ‘ قرار ڏئي معطل ڪري ڇڏيا هئا. بعد ۾ يورپ ۾ اڏامن تي پابندي نومبر 2024ع ۾ ختم ڪئي وئي. جولاءِ 2025ع ۾ برطانيا پاڪستان کي پنهنجي ‘ايئر سيفٽي لسٽ’ مان خارج ڪري ڇڏيو، جنهن بعد پاڪستاني ايئر لائينز کي برطانيا ۾ اڏامن جي اجازت لاءِ درخواست ڏيڻ جو حق ملي ويو. هي پيشرفت تڏهن ٿي، جڏهن برطانوي ٽرانسپورٽ ڊپارٽمينٽ اسلام آباد انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو سيڪيورٽي جائزو مڪمل ڪيو ۽ پاڪستان جي حفاظتي انتظامن کي ”تسلي بخش ۽ بين الاقوامي معيار مطابق“ قرار ڏنو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو