لاهور(ويب ڊيسڪ) دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز کي نيب آفيس حملي ڪيس ۾ بري ڪري ڇڏيو، لاهور جي دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت مريم نواز جي پيشي دوران نيب آفيس حملي ڪيس ۾ محفوظ ڪيل فيصلو ٻڌايو، عدالت مريم نواز خلاف ڪيس خارج ڪري ڇڏيو، پراسيڪيوٽر جي ڪيس خارج ڪرڻ جي درخواست قبول ڪيو، پوليس عدالت ۾ ڪيس جي خارج ڪرڻ رپورٽ جمع ڪرائي هئي، جنهن ۾ چيو ويو هو ته مريم نواز ۽ ٻين خلاف نيب آفيس تي پٿراءُ جا الزام ثابت نه ٿيا.










