سج گهرڻ، ايسٽرولوجي موجب ڪير فائدي ۽ ڪير نقصان ۾؟

سج گهرڻ، ايسٽرولوجي موجب ڪير فائدي ۽ ڪير نقصان ۾؟

عمر ڪوٽ (ن س) علم نجوم جي ماهر ڀڳوانداس جٽيا ٻڌايو آهي ته 26 ڊسمبر تي ٿيندڙ سج گهرهڻ برج قوس ۾ ٿي رهي آهي، جيڪا گهڻي عرصي بعد 6 ستارن  سان گڏ ٿي رهي آهي. سج گهرڻ 26 ڊسمبر خميس تي صبح جو ساڍي ستين کان منجهند هڪ وڄي 6 منٽ تائين جاري رهندي. سج گهرڻ جو مجموعي عرصو 5 ڪلاڪ 36 منٽ هوندو. جن 6 ستارن سان گڏ سج گهرڻ هن دفعي ٿي رهي آهي  انهن ۾ شمس، زحل، عطارد، قمر، ڪيتو ۽ مشتري شامل آهن. هندي ايسٽرولوجي موجب مٿي ڄاڻايل ستارن وارن ماڻهن لاءِ مشورو آهي ته 15 جنوري تائين احتياط کان ڪم وٺن. سج گهرڻ برج قوس ۾ ٿيڻ ڪري ب، ف، ج، ح، هه، ڪ ۽ ق حرفن سان شروع ٿيندڙ نالي وارا ماڻهو جذبات کان پاسو ڪن 15 فيبروري تائين احتياط ڪن. جنهن بعد سندن زندگي ۾ خوشخبريون ملندون. هندي ايسٽرولوجي جي مشهور لال ڪتاب جي آڌار تي ڪيل پيشگوئي موجب ڀڳوانداس جو چوڻ آهي ته آ، ل، ر ۽ ت جي حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارن ماڻهن جو سج گهرڻ سبب ذهني دٻاءَ گهٽجي ويندو ۽ سندن لک مخالفتن جي باوجود کين خوشخبري ملندي.  انهن حرفن جي نالن وان کي نوڪري، ڪاروبار ۽ دوستن مان فائدو ملندو. هن موجب ص، ش، س، م، ٽ،گ، غ ۽ ن حرفن سان شروع ٿيندڙ نالن وارا ماڻهو گهر، آفيس، ڪاروبار پارٽنرشپ وغيره ۾ بحث مباحثي ۽ تڪرار کان پاسو ڪن. جڏهن ته ان دوران ج، ک ۽ خ جي نالن وارا ماڻهو آزمائش ۾ رهندا. انهن کي لکپڙهه، شاهدي، ضمانت، انڌو اعتماد ڪرڻ کان پاسو ڪن. ڀڳوانداس موجب سج گهرڻ سبب د، جهه ۽ ٿ حرفن جي نالن وارن ماڻهن کي به فائدو ٿيندو. جڏهن ته ن، ي ۽ پ حرفن جي نالن وارن جي طبيعت ۾ چڙ چڙو پن رهندو. هن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ب ۽ ع وارن نالن جا ماڻهو 2020 ۾ مخالفتن جو شڪار ٿيندا. علم نجوم جي ماهر جو چوڻ آهي ته سج گهرڻ جي منفي اثرن کان بچڻ لاءِ حسب توفيق اناج جو صدقو ڏيڻ فائديمند هوندو. ماهرن جو چوڻ آهي ته سج گرهڻ دوران سج ڏانهن ڏسڻ نه گهرجي ۽ ڪارو چشمو پائي نظارو ڪري سگهجي ٿو.

پهنجو تبصرو موڪليو