ڪراچي(ويب ڊيسڪ)چيني سائنسدانن آکر جي ننهن جي چوٽي جيتري ننڍڙي چپ تيار ڪئي آهي جنهن سان ڪائنات جا راز آساني سان جلد سمجهن ۾ مدد ملندي. هي چِپ روايتي سنيپ شاٽ اميجرز جي ڀيٽ ۾ 100 ڀيرا وڌيڪ اسپيڪٽرل درستگي (تيزي يا شارپنيس) مهيا ڪري ٿي ۽ اها انهن رنگن ۾ فرق سڃاڻي سگهي ٿي، جيڪي هڪ ڏهائي نينوميٽر کان به گهٽ فاصلي تي آهن. تحقيق جي ليکڪن موجب، “هي اعليٰ ڪارڪردگي واري پر آسانيءَ سان شامل ٿيڻ جهڙي اسپيڪٽرواسڪوپڪ ٽيڪنالاجي مواد جي سائنس کان وٺي فلڪيات تائين ڪيترن ئي شعبن ۾ تيزي سان اڳڀرائي آڻي سگهي ٿي.” چِپ جي صلاحيت کي سمجهڻ لاءِ، اهو اندازو لڳايو ويو آهي ته هي ٽيڪنالاجي ملڪي وي (Milky Way) جو نقشو ٺاهڻ جو عمل، جيڪو عام حالتن ۾ هزارين سال وٺي سگهي ٿو، صرف هڪ ڏهاڪي کان به گهٽ وقت ۾ مڪمل ڪري سگهي ٿي.
ذهانت ڀري فزڪس ۽ الگورٿمز جو نتيجو
هي چِپ ان مسئلي جو نئون حل پيش ڪري ٿي، جيڪو ڊگهي عرصي کان نظري (optical) ڊوائيسز کي محدود ڪندو رهيو آهي. روايتي اوزارن ۾، ايندڙ روشني کي تجزئي لاءِ مختلف رنگن ۾ ورهايو ويندو آهي. جيستائين رنگن جي ورهاست وڌيڪ تيز ڪئي وڃي ٿي، انڊلٺي رنگ ۾ روشني گهٽجي ٿي، ۽ ان لاءِ تمام وڏا ۽ ڳرا اوزار گهربل هوندا آهن. اهو ئي سبب هو جو ننڍا پر انتهائي درست اوزار ٺاهڻ تقريباً ناممڪن رهيو آهي. تحقيق ڪندڙن هڪ مختلف طريقي اختيار ڪيو، روشني کي ورهائڻ بدران، يوهينگ (Yuheng) چپ سڄي روشني کي هڪ ئي وقت اندر وٺي ٿي، جتي اها هڪ منفرد نموني ۾ ڪوڊ ٿي وڃي ٿي، جيڪو ڊوائيس جي اندر ٺهندو آهي. ننڍا بي ترتيب انٽرفيرنس نمونا ۽ لٿيم نائوبيٽ (Lithium Niobate) ڪرسٽل، جيڪو برقي دٻاءَ (Voltage) لاڳو ٿيڻ سان روشني موڙي ٿو، گڏجي چِپ کي تفصيلي رنگي ڄاڻ گڏ ڪرڻ ۾ مدد ڏين ٿا. پوءِ، اعليٰ ڪمپيوٽنگ الگورٿم ذريعي چِپ اها روشني ڊيڪوڊ ڪري، فوري طور مڪمل رنگ اسپيڪٽرم بحال ڪري ٿي. اهو نتيجو حيران ڪندڙ آهي . چِپ ۾ 73٪ روشني ٽرانسميشن آهي (يعني گهڻي روشني اندر گذري ٿي) ۽ اها 88 فريم في سيڪنڊ جي رفتار سان تصويرون ٺاهي ٿي، بغير چمڪ يا رفتار وڃائڻ جي. سادن لفظن ۾، هي چِپ هڪ وڏي آپٽيڪل بئنچ جي ڪم کي هڪ ننڍڙي، ذهين ڊوائيس ۾ سموئي ڇڏيو آهي. تحقيق موجب، “خاص طور تي، رافائيل (RAFAEL) هڪ ئي سنيپ شاٽ ۾ 5600 تارن جي ذري-انگسٽرم اسپيڪٽرا پڪڙيا، جن ۾ سڀ ايٽمي جذب (absorption) لائينون شامل هيون. جيڪو دنيا جي بهترين فلڪياتي اسپيڪٽروميٽرز جي مقابلي ۾ 100 کان 10,000 ڀيرا وڌيڪ ڪارڪردگي ظاهر ڪري ٿو۔”
رافائيل کي وڌائڻ ۽ استعمال ۾ آڻڻ جو وقت
يوهينگ چپ هڪ اهم اڳڀرائي آهي، جيڪا انتهائي تيز ۽ درست آپٽيڪل تجزئي کي ننڍي ۽ عملي ڊوائيس ۾ ممڪن بڻائي ٿي. ان جا امڪاني استعمال بي حد آهن. مثلاً، طب ۾ اها غير جارحاڻي طريقي سان انساني بافتن (tissues) جو تجزيو ڪري بيماريون جلد سڃاڻي سگهي ٿي. ڊرونز ان چِپ کي مٽيءَ جي معيار يا آلودگي معلوم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته سيلف ڊرائيونگ ڪارون ان جي مدد سان سڙڪن، نشانين ۽ رڪاوٽن کي وڌيڪ درست نموني سڃاڻي سگهن ٿيون، خاص طور تي مشڪل روشنيءَ ۾به. فلڪيات ۾، تحقيق ڪندڙ ٽيم جو ارادو آهي ته يوهينگ چِپ کي اسپين جي گرين ٽيليسڪوپيو ڪيناريس (Gran Telescopio Canarias) تي جلد آزمايو ويندو، جتي اها تارا، گليڪسيون، ڊارڪ ميٽر ۽ بليڪ هولز جو وڌيڪ مؤثر طريقي سان مطالعو ڪرڻ ۾ مدد ڪندي. بهرحال، اها ٽيڪنالاجي اڃا ابتدائي مرحلي ۾ آهي، ۽ سائنسدان هاڻي ان جي استحڪام ۽ انضمام (integration) کي بهتر بڻائڻ تي ڪم ڪري رهيا آهن.










