يونيورسٽي جي هاسٽل مان شاگرد جو گوليون لڳل لاش هٿ

يونيورسٽي جي هاسٽل مان شاگرد جو گوليون لڳل لاش هٿ

ڄامشورو: (ن س) ڄامشورو جي لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي جي هاسٽل مان نوجوان جو گوليون لڳل لاش هٿ آيو آهي، لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي سان لاڳاپيل بلاول ميڊيڪل ڪاليج ۾ ايم بي بي ايس جو چوٿين سال ۾ پڙهندڙ شاگرد جيڪب آباد واسي عبدالله سومرو جو السينا بوائز هاسٽل جي روم نمبر 144 مان گولي لڳل لاش هٿ ڪيو ويو.اهڙي اطلاع تي پوليس ۽ لمس يونيورسٽي جا عملدار واقعي واري هنڌ پهچي نوجوان جو لاش لمس اسپتال منتقل ڪيو. ٻڌايو پيو وڃي ته عبدالله سومرو لمس يونيورسٽي جي پي جي هاسٽل جي 35 نمبر ڪمري ۾ رهندڙ هو، جنهن جو گوليون لڳل لاش السينا هاسٽل ۾ رهندڙ سندس دوستن جي روم نمبر 144 مان هٿ ڪيو ويو.ڄامشورو پوليس موجب نوجوان عبدالله سومرو بابت پڇا ڳاڇا ڪئي وئي، جنهن مان ڄاڻ ملي ته هو ذهني طور پريشان هو، هو پنهنجي دوستن سان ڪمري ۾ ترسڻ آيو، سندس دوست ٻاهر ويا ته هن دروازو بند ڪري لائوڊ اسپيڪر تيزي سان هلائي پاڻ مٿان پسٽل جا فائر ڪري آپگهات ڪري ڇڏيو آهي، سندس ڀر مان پسٽل به هٿ ڪيو ويو آهي، جيڪو فارنزڪ لاءِ اماڻيو ويندو.ڄامشورو پوليس موجب واقعي جي هر رخ کان جاچ ڪئي ويندي، جيڪڏهن معاملو ٻيو سامهون آيو ته ان تي به ڪارروائي ڪئي ويندي، في الحال معاملو آپگهات جو لڳي رهيو آهي. ٻئي طرف لياقت ميڊيڪل يونيورسٽي انتظاميا جو چوڻ هو ته نوجوان عبدالله سومرو ذهني طور پريشان هو، هن آپگهات ڪيو آهي، سندس وارثن کي اطلاع ڪيو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو