عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ٿرديپ منظم پليٽ فارم آهي؛ نسرين

عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪرڻ لاءِ ٿرديپ منظم پليٽ فارم آهي؛ نسرين

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) آمري ۾ سماجي تنظيم ٿرديپ طرفان سي او ۽ وي او جي سرگرم عورت ڪارڪنن جو تربيتي ورڪشاپ ڪرايو ويو. تقريب ۾ ڊسٽرڪٽ مينيجر نسرين خان پٺاڻ، ٽي اي او سيڪنڊري ايجوڪيشن شوڪت علي قريشي، مانيٽرنگ آفيسر اشوڪ ڪما،ر ٿرديپ يونٽ انچارج شھناز سيال، اظھر ڳنڀير، نيلوفر سميت وڏي انگ ۾ عورتن شرڪت ڪئي.

ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي نسرين خان چيو ته ٿرديپ عورتن ۾ سجاڳي پيدا ڪري کين منظم پليٽ فارم ڏئي ڇڏيو عورتن جون تنظيمون ڳوٺن اندر پيئڻ جي صاف پاڻي، تعليم، صحت، ترقياتي ڪمن، نادرا جا مسئلا حل ڪرائڻ لاءِ ڪوشان آھن. يوسي آمري ۾ 145 پاڙي جون تنظيمون 18 ڳوٺاڻي تنظيمن سان گڏ ڪم ڪن پيون جڏهن ته بنا وياج جي قرض ڏئي عورتن کي صحت ڪارڊ، هنري سکيا، ترقياتي، مختلف اسڪيمن تي خرچ ڪيو. ان موقعي تي مختلف ڳوٺاڻي عورتن ڪارڪردگي رپورٽون پيش ڪيون.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو