فلسطيني 7 شهيد صحافي عالمي ايوارڊ لاءِ نامزد

فلسطيني 7 شهيد صحافي عالمي ايوارڊ لاءِ نامزد

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) سموري دنيا ۾ آزاد صحافت جي لاءِ قربانيون ڏيندڙ 7 بهادر صحافين کي سال 2025 جي ورلڊ پريس فريڊم هيروز ايوارڊ جي لاءِ نامزد ڪيو ويو آهي.اهڙن نامزد صحافين ۾ فلسطين جي شهيد مريم ابودقه به شامل آهي جنهن کي اسرائيلي فوج 25 آگسٽ 2025 تي غزه ۾ انهي وقت شهيد ڪيو جڏهن هو جنگ جي ميدان ۾ پنهنجون ذميواريون انجام ڏئي رهي هئي.انٽرنيشنل پريس انسٽيٽيوٽ طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته اهو اعزاز انهن صحافين کي ڏنو پيو وڃي جن کي سچ ڳالهائڻ، حقيقتون ظاهر ڪرڻ ۽ عوام جي آواز بنجڻ جي لاءِ پنهنجي حياتين جو نذرانو پيش ڪيو. اهو ايوارڊ 24 آڪٽوبر تي آسٽريا جي راڄڌاني ويانا ۾ اداري جي 75هين سالگره جي موقعي تي هڪ خصوصي تقريب ۾ پيش ڪيا ويندا.فلسطيني شهيد صحافي مريم ابودقه ۽ يوڪرين جي وڪٽوريه روشچينا ٻئي انهن بهادر عورتن ۾ شامل آهن جن کي جنگ سٽيل علائقن ۾ سچائي جي ڳولا ۾ پنهنجون حياتيون قربان ڪيون. مريم ابو دقه جي شهادت فلسطيني صحافت ۾ هڪ نئين تاريخ لکي. جتي صحافي قابض اسرائيلي بمباري جي باوجود دنيا جي مظلوم فلسطينين جي آواز کي سڃاڻي رهيا آهن.ايوارڊ جي ٻين نامزد ماڻهن ۾ آمريڪا جو تجزيه ڪار مدير مارٽن بيرن، پيرو جو صحافي گستاوو گوريٽي، هانگ ڪانگ جو اظهار جي آزادي جو حامي جمي لائي، ايٿوپيا جي تسفالم والديس ۽ ٻيا نالا شامل آهن. جن کي آمريت، جنگ ۽ جبر جي ماحول ۾ سائي جو جهنڊو بلند رکيو. عالمي صحافتي حلقن مريم ابودقه جي نامزدگي کي فلسطيني صحافين جي جدوجهد جو عالمي اعتراف قرار ڏنو ويو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو