سکر (امداد علي ڪلوڙ) اينٽي ڪرپشن جي ڪارروائي، آبپاشي کاتي جا 4 عملدار گرفتار، جوابدارن تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جوالزام. ان ڏس ۾ نيب جي ڪاروائين کانپوءِ اينٽي ڪرپشن به ڪرپشن ۾ ملوث سرڪاري آفيسرن خلاف حرڪت ۾ اچي ويو آهي. اينٽي ڪرپشن عملي ڪارروائي ڪندي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن ۾ ملوث آبپاشي کاتي جي 4 آفيسرن کي گرفتار ڪري ورتوآهي، اينٽي ڪرپشن ذريعن موجب گرفتار ٿيلن ۾ سپريٽنڊنٽ انجنيئر اسد الله شيخ، سب انجنيئر نصرالله، علي حسن منگي، طارق رضا پڻ شامل آهن. هوڏانهن اينٽي ڪرپشن سکر جي سرڪل آفيسرن جو چوڻ آهي ته جوابدارن کي هاءِ ڪورٽ جي حڪم تي گرفتار ڪيو ويو آهي جوابدارن تي بيگاري بند جي مرمت جي مد ۾ ڪرپشن ڪري قومي ناڻي کي نقصان پهچائڻ جا الزام آهن. سرڪل آفيسر موجب گرفتار ٿيل جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي وڌيڪ جاچ جاري آهي.










